زمين ۽ جائيداد جي کاتن مٽائڻ بابت حڪومت جو اهم اعلان

زمين ۽ جائيداد جي کاتن مٽائڻ بابت حڪومت جو اهم اعلان

نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) سنڌ جي عوام طرفان مسلسل فوتي کاتي جي تبديلي،  سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ۽ رجسٽرڊ سيل ڊيڊ ڏيڻ ۾ بغير ڪنهن سبب جي دير ۽ رشوت وٺڻ جون بورڊ آف روينيو حيدرآباد کي مليل بيشمار شڪايتن کانپو۽ سنڌ جي سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مختيار ڪارن کي سختي سان نيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ سڀني ڊپٽي ڪمشنرز کي سختي سان ان تي عمل ڪرائڻ جو چيو ويو آهي. فوتي کاتي بابت هر مختيارڪار کي هڪ هفتي ۾ تبديل ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر 3 ڏينهن اندر ان جي تصديق ڪري اسڪيننگ لا۽ حيدرآباد موڪليندو ۽ ٻن ڏينهن ۾  اسڪيننگ 2ڪري کاتيدار کي واپس ڪيو ويندو. اهڙي طرح سيل سرٽيفڪيٽ بابت چيو ويو آهي ته مختيارڪار درخواست ملڻ کانپو۽ سموري ڪاروائي وڌ وڌ ۾ 4 ڏينهن اندر پوري ڪرڻ جو پابند هوندو ۽  اسسٽنٽ ڪمشنر 2 ڏينهن اندر ان سيل سرٽيفڪيٽ تي صحيح ڪرڻ جو پابند هوندو. رجسٽرڊ سيل ڊيڊ بابت هدايت ڪئي وئي آهي ته سب رجسٽرار ڪنهن به جڳهه يا زمين جي داخلا لا۽ ملندڙ درخواست ۽ سمورن ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪرڻ کانپو۽ صرف 3 ڏينهن اندر اها داخلا رجسٽر ڪرڻ  جو پابند هوندو ۽ داخلا جي رجسٽري کانپو۽ اها داخلا هڪ ڏينهن اندر اسڪيننگ لا۽ مائيڪرو فلمنگ آفيس موڪلڻ جو پابند هوندو. مائيڪرو فلمنگ آفيس وارا رجسٽري ملڻ کانپو۽ هڪ ڏينهن اندر اسڪيننگ ڪندا ۽ ساڳئي ڏينهن اها رجسٽري واپس سب رجسٽرار کي موڪلڻ جا پابند هوندا. مٿين هدايتن تي ڪنهن به آفيسر طرفان ڪنهن به سبب ڪري عمل نه ڪرڻ تان ان آفيسر خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جي ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو