عمرڪوٽ (ن س) عمرڪوٽ ڀرسان پوليس جو زميندار جي زمين تي ڇاپو، 19 هاري بازياب، عدالت ۾ پيش، مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت، بادل ڪولهي جي ڏنل درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم کانپوءِ ڪُنري پوليس پراڻي ڪنري ڀرسان زميندار عبدالشڪور پنجابي جي زرعي زمين تي ڇاپو هنيو، مبينا طور باندي بڻيل 19 هارين کي بازياب ڪرايو ويو، بازياب ڪرايلن کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو،هارين شريمتي ڪملي ڪولهڻ، شريمتي ريشم ڪولهڻ، شريمتي ڳووري ۽ ٻين عدالت سڳوري کي ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن کان زميندار عبدالشڪور پنجابي جي زرعي زمين تي هارپو ڪري رهيا آهيون پر زميندار عبدالشڪور پنجابي نه اسان کي اٽو ٿو ڏي ۽ نه ئي وري بيمار ٿيندا آهيون ته پئسا ڏئي ٿو ۽ نه ئي ڊاڪٽر وٽ علاج ڪرائي ٿو، اسان پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ چاهيون ٿا. عدالت سڳوري بازياب ڪرايل 19 هارين کي پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.










