زمين تي قبضي خلاف پٽ سميت پيرسن عورت جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي( پرائمري استاد شاهزيب شاهه پٽ غلام شاهه ۽ سندس چاچو احمد شاهه اسان تي ظلم ڪري رهيا آھن اسانجي گهر ۾ گهڙي لٺين لتن مڪن سان حملو ڪري مونکي ۽ منهنجي پٽن تي سخت تشدد ڪيو مونکي مٿي م لٺ هڻي وارن مان جهلي منهنجي تذليل ڪئي. اهڙو اظهار مسمات نذيران زال غلام علي شاهه ڳوٺ کمن شاهه جي رهواسڻ جون سندس پٽ انور سان گڏ پريس ڪلب بلڙي شاهه ڪريم  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شاهزيب  سندس پيءُ غلام شاه ۽ سندس چاچو احمد شاه ڪافي عرصي کان اسان جي 4 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿان جنهن سبب هو اسان جي گهر ۾ داخل ٿي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهندا هئا ۽ زمين ڇڏي لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيندا رهنداهئا پر تازو ڪالهه شام جو  ڄاڻايل جوابدار لٺيون کڻي اسان جي گهر م داخل ٿيا ۽ منهنجي ٻنهي پٽن کي مارڻ شروع ڪري ڏنائون جن کي مون ڇڏائڻ چاهيو ته هو ٻئي پيءُ پٽ مون تي ڪڙڪي پيا مونکي مغز م لٺ هڻي مٿو ڦاڙي ڇڏيو اٿائون. آئون ٿاڻي بلڙي شاه ڪريم تي فرياد کڻي ويس بلڙي پوليس ڪچي رپورٽ داخل ڪئي پر هنن ظالمن خلاف اڃان تائين ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آھي هن چيو ته اسين مسڪين غريب آھيون هنن اسان جي زرعي زمين جو پاڻي به بند ڪري ڇڏيو آھي  جنهن سبب اسان جو پوکيل سارين جو فصل به سڪي سڙي ويو آھي هن چيف جسٽس آف  سنڌ ھاء ڪورٽ آء جي سنڌ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان  اپيل ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو اسان کي هنن ظلمن کان تحفظ فراهم ڪرڻ سميت جوابدارن خلاف فوري سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو