زمين تي قبضو خلاف احتجاج،انصاف جي گهر

سکر(بيورو رپورٽ) روهڙي جي لونگ ڀٽي واري علائقي جي رهواسين پاران حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ نجم دين ابڙو، ظهير خاصخيلي، سجاد حسين، اسد ابڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي 5 ويسا زمين تي جوابدار رجب خاصخيلي، نور محمد ۽ ٻين قبضو ڪيو هو. اهڙي قبضي خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. جنهن تي ڪورٽ 2 ڏينهن اڳ اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو، گذريل رات دير سان ڄاڻايل جوابدارن هٿيار بندن سان گڏجي اسان جي گھرن تي چڙهائي ڪري حملو ڪري ظهير خاصخيلي، ذيشان ابڙو، عمير ۽ ٻين کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. زخمين کي علاج لاءِ  سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو آهي. جوابدارن خلاف روهڙي پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه پئي ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو