زمين تان ڀٽا ۽ چاچڙ ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي(رپورٽ حميد ڪلادي) گهوٽڪي لڳ قادرپور ۾ زمين جي مسئلي تان ٻن ڌرين ۾ جهڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي ۽ پوليس چوڪي قادرپور جي حد ۾ زمين جي مسئلي تان ڀٽا ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهڙو ٿيو. جنهن ۾ ڀٽا برادري جا ٻه ڄڻا شاهنواز ۽ ابوبڪر ڀٽو زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقه اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو. قادرپور پوليس چوڪي تي ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪ ٻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، اڃان تائين ڪابه گرفتاري نه ٿي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو