شهدادپور(ن س) شهدادپور ڀرسان زميندار جي نجي جيل تان بازياب ڪرايل 7 هاري عدالت ۾ پيش، آزاد ڪرڻ جو حڪم، شهدادپور پوليس عدالتي حڪم تي ڳوٺ ڀنڀرا واٽر ڀرسان زميندار راضي ڀنڀرو جي مبينا نجي جيل تي ڇاپي دوران ناحق قيد بڻايل 7 هارين کي بازياب ڪرائي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج عاصم جميل ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي هدايت ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ پوليس کي سندن گھر تائين حفاظت طور ڇڏڻ جي هدايت ڪئي، بازياب ڪرايل هارين ۾ سومجي ڀيل، گھيورومل ڀيل، شريمتي عطيه زال سومجي، ملوڪي زال عالم، ٻارڙا نندو، ڏيوراج، ۽ گھنشام شامل آهن، عالم ڀيل موجب زميندار پنھنجي زمينن تي جبري پورهيو ڪرائيندو هو، زميندار جي ظلمن کان تنگ اچي عدالت جو در کڙڪايو ۽ عدالت آزاد ڪري وڏو انصاف ڪيو آهي










