عمران جي گهر جو دروازو ٽوڙي پوليس گهر ۾ داخل،هٿيارهٿ

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پوليس زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گهر جو مک دروازو ڪرين سان ٽوڙي گهر ۾ اندر داخل ٿي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس تي حملا ڪندڙ ڪارڪن گهر ۾ لڪل آهن جن تي ڪيس داخل آهن، تن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. پوليس مٿان پي ٽي آءِ ڪارڪنن غليلن سان بلور هلايا 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، پوليس مزاحمت ڪرڻ تي لٺبازي ڪندي 20 کان مٿي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه رائيفلز به مليون آهن.

پوليس موجب گهر جي اندران مٿن 2 گن فائر ٿيا آهن. پوليس گهر جي تلاشي وٺڻ چاهي ٿي پي گهر جاي ڪمرن جا دروازا بند آهن. ڪارروائي ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اسلام آباد روانو ٿيڻ کان ڪجهه دير بعد لاهور ۾ پوليس زمان پارڪ ۾ ڪارروائي ڪري پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.پوليس زمان پارڪ ٻاهران لڳل ڪئمپون هٽائڻ شروع ڪيون.ذريعن موجب پوليس جي وڏي نفري زمان پاڪ پهچي وئي آهي، جڏهن ته قيدين کي کڻندڙ وين ۽ واٽر ڪينن کي ڪئنال روڊ تي آندو ويو آهي. رپورٽن مطابق زمان پارڪ ڏانهن ڪرين به پهچايو ويو آهي.پوليس موجب زمان پارڪ ۾ عمران خان جي رهائشگاهه جي چوڌاري لٺيون کڻندڙ ڪارڪن موجود آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار زمان پارڪ ۽ عمران خان جي رهائشگاهه گرائونڊ ويجهو ڪئمپن ۾ موجود آهن.پنجاب پوليس اسپيڪر ذريعي قلم 144 جو اعلان ڪيو.پوليس اعلان ڪيو ته قلم 144 لاڳو آهي، توهان کي منتشر ٿيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو