زمان پارڪ سانحي تي قانوني ٽيم جو اجلاس اڄ طلب: فواد چوڌري

زمان پارڪ سانحي تي قانوني ٽيم جو اجلاس اڄ طلب: فواد چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري گذريل ڏينهن لاهور جي زمان پارڪ ۾ ٿيل واقعي تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.ان حوالي سان فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته قانوني ٽيم جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.تحريڪ انصاف اڳواڻ لکيو ته پوليس لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي عمران خان جي رهائشگاهه اندر داخل ٿي.فواد چوڌري لکيو ته چادر ۽ چار ديواري جي هر قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، بيگناهه ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.هن لکيو ته اهي سمورا واقعا پاڪستان ۾ جاري آئيني بحران جي علامت آهن، عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ناقابل معافي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به لکيو ته غيرقانوني ڪارروائين ۽ تشدد ۾ ملوث سمورن پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو