زلمي خليل زاد ۽ طالبان وفد جي ڳجهي ملاقات جو انڪشاف

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) برطانيه جي خبرون ڏيندڙ اداري ”روئٽرز“ پاران جاري ڪيل خبر مطابق پاڪستان جي دوري تي مُلا برادر جي اڳواڻيءَ ۾ پهتل طالبان جي وفد جي آمريڪي صدر جي افغانستان متعلق خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان ڳجهي ملاقت ٿي آهي. واضح رهي ته زَلمي خليل زاد به انهن ڏينهن ۾ اسلام جي دوري تي آيل هو. جڏهن ته دوحه ۾ امن ڳالهين مڪمل ٿيڻ بعد ڪابل ۾ ٿيل هڪ ڌماڪي کانپوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ پاران طالبان سان وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ وارو عمل ختم ڪيو ويو. آمريڪي صدر جي اهڙي اعلان کانپوءِ به طالبان ۽ آمريڪي ايلچيءَ ۾ ڳجهي ملاقات ٿي. روئٽرز جي خبر مطابق طالبان وفد ۽ زلمي خليل زاد وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ٿي. جڏهن ته امن ڳالهين جو عمل ٻيهر شروع ڪرڻ بابت اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي. هڪ سرڪاري عملدار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته ”طالبان وفد ۽ زلمي خليل زاد جي ملاقات ٿي آهي پاڪستان حڪومت پاران ٻنهي ڌرين کي امن عمل جي اهميت بابت قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي“. انهيءَ ملاقات جي حوالي کان اسلام آباد ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني ۽ واشنگٽن مان اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان ڪا به تصديق ناهي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو