زلمي خليل زاد جي بيان مان واضح ٿي ويو ته نيازي آمريڪي ايجنٽ آهي:شاهه

زلمي خليل زاد جي بيان مان واضح ٿي ويو ته نيازي آمريڪي ايجنٽ آهي:شاهه

هن چيو ته جڏهن عمران نيازي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهيو ته آمريڪا تي الزام هڻڻ شروع ڪيا ته منهنجي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ آمريڪا جو اهم ڪردار هو پر هاڻي اڳوڻي آمريڪي سفير جو عمران جي حمايت ۾ بيان ڏيڻ عجيب مذاق آهي. ناصر شاهه چيو ته واضح ٿي ويو آهي ته نيازي آمريڪا جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو هو ۽ سي پيڪ جهڙن اهم منصوبن کي بند ڪرڻ جو پڻ ڏوهاري آهي، جيڪو پاڪستان ۾ معاشي انقلاب جو ضامن آهي. هن چيو ته عمران نيازي جي غلط فيصلن سبب ملڪ کي گهڻو نقصان پهتو ۽ ان ئي نيازي ملڪ جي اسٽيٽ بئنڪ کي آمريڪا حوالي ڪيو. هن چيو ته عمران معيشت کي ان ڪري تباهه ڪيو ته آمريڪا کي ايٽمي اثاثن بابت ڳالهائڻ جو جواز ملي پر اسان جا ايٽمي هٿيار محفوظ آهن. جيڪڏهن قوم کي پنهنجي ايٽمي اثاثن سان پيار آهي ته پوءِ انهن کي عمران خان جو رستو روڪڻو پوندو ۽ ان ڪوڙي کان جند ڇڏائڻي پوندي. هن چيو ته اسان جي ايٽمي اثاثن تي عمران نيازي جا نظريا آمريڪا ۽ ڀارت جهڙا آهن. بلديات واري وزير چيو ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو جنهن ايٽمي پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ ڦاهي قبول ڪئي پر قوم کي مضبوط ڪرڻ واري عزم کي پورو ڪيو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ايٽمي پروگرام جي هميشه حفاظت ڪنداسين. هاڻي هي جنگ ملڪ جي بقا ۽ حساس اثاثن کي بچائڻ جي آهي ۽ ملڪ دشمن ٽولن کي شڪست ڏينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو