زلزلي سبب ڪنهن به پاڪستاني جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن: ترجمان

زلزلي سبب ڪنهن به پاڪستاني جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن: ترجمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ترڪي ۾ امدادي آپريشن ۾ پاڪستان جون امدادي ٽيمون به حصو وٺي رهيون آهن. هفتيوار بريفنگ دوران هن چيو ته ترڪي ۾ موجود 23 پاڪستانين کي گازي انتاپ يونيورسٽي مان ادانا منتقل ڪيو ويو آهي، 16 پاڪستانين کي واپس آندو ويندو جڏهن ته باقي استنبول ويندا. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ترڪي جي دوري جي تجويز غور هيٺ آهي، پاڪستان زلزلي جي تباهي سبب ترڪي جي هر ممڪن مدد ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ترڪي ۽ شام ۾ اسان جا مشن لاڳاپيل حڪومتن سان رابطي ۾ آهن. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ مسلسل انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿينديون نظر اچي رهيون آهن، پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو. ترجمان چيو ته افغانستان سان انٽيليجنس ۽ سڪيورٽي معاملن تي به ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان افغانستان ۾ علائقائي ڀائيوارن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ پاڪستان جو سفير عبيد نظاماڻي اڃا تائين پاڪستان ۾ ئي آهي ۽ اڃا تائين پنهنجو سفير واپس افغانستان موڪلڻ جو فيصلو ناهي ڪيو. هن چيو ته آرمي چيف جي آمريڪا جي دوري بابت کيس خبر ناهي، ان بابت آءِ ايس پي آر ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ڳالهيون جاري آهن، ماسڪو ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 3 کان 4 فيبروري تي سريلنڪا جو دورو ڪيو. هن چيو ته حنا رباني کر سريلنڪا جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اڄڪلهه اسپين جي دوري تي آهي ۽ هاڻي فرانس جو دورو ڪندو جتي هو ٻه طرفي تعاون جي معاهدي تي صحيح ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو