زرعي يونيورسٽي جي وي سي جي مقرري غير قانوني قرار

زرعي يونيورسٽي جي وي سي جي مقرري غير قانوني قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مجيب الدين ميمڻ صحرائي جي ٻيهر وي سي طور مقرري کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس شفيع صديقي جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ اهڙو حڪم رياست علي ڪٻر جي داخل ڪيل درخواست تي ڏنو. 2018ع ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ يونيورسٽي جي  وائيس چانسلر مجيب الدين ميمڻ، چانسلر، سنڌ جي چيف سيڪريٽري  ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي اهو موقف اختيار ڪيو هو ته اليڪشن ڪميشن پاران هر قسم جي ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي پر ان باوجود سنڌ جي وڏي وزير سرچ ڪميٽي جي رپورٽ کانسواءِ مجيب الدين ميمڻ کي ٻيهر زرعي يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪري ڇڏيو.  داخل ڪيل  درخواست ۾ اهو پڻ چيو ويو هو ته سرچ ڪميٽي جي رپورٽ ۽ ڪابينا جي منظوري بنا وڏو وزير وائيس چانسلر جي مقرري جو مجاز ناهي. داخل ڪيل درخواست ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور مقرر ڪيل مجيب ميمڻ مڪينيڪل انجنيئر آهي جنهن کي زرعي يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ قانون جي خلاف آهي. ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير 2018ع ۾ کيس ٻيهر سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وائيس چانسلر طور مقرر ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو