دڙو (ن سنڌ يار) دڙي ۾ آبادگارن پاران بااثر ماڻھن تي زرعي زمين ۽ مڇي جي تلائن تي قبضي جي ڪوشش ۽ ڏنل ڌمڪين خلاف احتجاج/پريس ڪانفرنس، اعلي عدالتن ۽ پ پ قيادت کان نوٽيس جو مطالبو، تفصيل موجب دڙو ۾ ديھ الھندو لائقپور جي آبادگارن عبدالرحيم ميمڻ، احسان ميمڻ، علي اڪبر ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن زرعي زمين ۽ تلائن تي قبضي جي ڪوشش ۽ ملندڙ ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، جنھن کانپوء متاثر آبادگارن عبدالرحيم ميمڻ، احسان ميمڻ ۽ ٻين پريس ڪلب دڙو ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آھي تہ اسان ديھ الھندو لائقپور ۾ سال 2020 ۾ پنھنجي بدين واسي مائيٽن محبوب ميمڻ ۽ سندس ڀائرن کان 30 لک روپين ۾ 59 ايڪڙ اڍائي گھنٽا زمين خريد ڪئي ھئي، جنھن کي ڪافي سالن کان آئون آباد ڪري رھيو آھيان، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاء حڪومتي ڌر سان واسطو رکندڙ بااثر شخصيت جي ڏڍ تي محبوب ميمڻ، علي مرتضي ميمڻ، مقبول ميمڻ، اسلم ميمڻ، علي رضا ميمڻ، الھڏنو عرف اي ڊي ميمڻ، شمس ميمڻ ۽ ٻيا زبردستي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، ھنن چيو تہ اھڙي ٿيندڙ زيادتين خلاف اسان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ علي مرتضي ميمڻ، مقبول ميمڻ، محبوب ميمڻ، علي رضا ميمڻ اي ڊي ميمڻ ۽ شمس ميمڻ خلاف 22 اي جي درخواست پڻ داخل ڪرائي آھي، ان باوجود ڪجھ بااثر ڌريون زمين تان ھٿ کڻڻ لاء کيس سنڱين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي علائقي ۾ وڏي خونريزي ڪرائڻ چاھين ٿا، عبدالرحيم ميمڻ خدشو ظاھر ڪندي چيو تہ کيس يا سندس گھر جي ڪنھن بہ فرد کي جاني مالي نقصان پھتو، تہ ان جا زميوار مٿيان ماڻھو ھوندا. ھنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، ھائي ڪورٽ، پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد سميت ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو تہ خدرا ساڻن انصاف ڪري ٿيل زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي.










