ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته زرداري ليگ مڪاني چونڊن م پنھنجي ناڪامي کي ڏسندي مڪاني چونڊن کان ڀڄڻ چاھي ٿي،پنھنجي جاري بيان م سردار عبدالرحيم چيو ت ڪراچي سميت سنڌ جا سمورا ضلعا کنڊر بڻيل آھن،ھر طرف گندگي جا ڍير متل آھن،پئيڻ جو صاف پاڻي ميسر ناھي،مڪاني ادارا عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ م مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن ،ھر سال اربين رپيا ڪرپشن جي نظر ٿي وڃن ٿا ،ھن چيو ت پيپلزپارٽي ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن ضلعن م پنھنجي شڪست کي ڏسندي ٻئي مرحلي جي بلدياتي چونڊون کان ڀڄڻ چاھي ٿي ،جھموريت جي دعويدار پيپلزپارٽي عوام کان بنيادي جھموري حق کسڻ چاھي ٿي ،ڪڏھن برساتن ،ٻوڏ ء امن امان جو بھانو بڻائي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرايون وينديون آهن ،پر جھموريت پسند قوتون غير جھموري پيپلزپارٽي کي مڪاني چونڊن کان ڀڄڻ ن ڏينديون ،سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ت زرداري ليگ جي ڳٽ جوڙ اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي ستن ئي ضلعن م چونڊون ملتوي ڪري ڪراچي جي عوام سان دشمني جو ثبوت ڏنو آهي.










