زرداري سندس سهولتڪار ٺيڪيدارن ڪرپشن جو بازار گرم ڪري ڇڏيو:زين شاهه

زرداري سندس سهولتڪار ٺيڪيدارن ڪرپشن جو بازار گرم ڪري ڇڏيو:زين شاهه

جوهي (ن سنڌيار)جوهي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ جي جوهي آمد وک وک تي ڪارڪنن شھرين ۽ دڪاندارن پاران گلن جي ورکاء ڪندي سنڌي ٽوپي اجرڪ پارائي ڀرپور آجيان ڪئي وئي, خبر موجب سيد زين شاھ ذوالفقار چوڪ وٽ پهتو جتي شاهي بازار جي دڪاندارن زاهد چنو, رحيم سرهيو, ۽ ٻين پاران گلن جي ورکاء ڪندي سنڌي ٽوپي اجرڪ پيش ڪئي ايس يو پي جوهي جي اڳواڻن غلام قادر لغاري, جمن ٻٻر, مريد ٻٻر ۽ ٻين پاران مڪاني چونڊن جي حوالي سان وين اسٽاپ جوهي ۾ منعقد ڪرايل پروگرام ۾ سائين زين شاھ پهتو جتي سوين ڪارڪنن گلن جي ورکاء ڪري پنڊال پهچايو ان موقعي تي سيد زين شاھ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجن مفادن خاطر سنڌ جو سودو ڪري افغاني پٺاڻن سميت ڌارين جي لوڌ سنڌ ۾ غير قانوني طور آباد ڪري انهن کي شناختي ڪارڊ پڻ جاري ڪرائي ڇڏيا آهن, سامونڊي ٻيٽ سميت سنڌو درياء جي پاڻي تي به ٻين صوبن جا ماڻھو قابض آھن, زين شاھ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هر شعبي ۾ زرداري سندس سهولتڪار ٺيڪيدارن ڪرپشن جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي, مير پير ڀوتار سڀ ملي ڪري سنڌ کي لُٽي رهيا آھن زين شاھ چيو ته اسان ۽ توهان جي اربين رپين جي ٽيڪس منجهان سنڌ جي عوام تي ان جو هڪ حصو به خرچ نه ٿو ڪيو وڃي بدلي ۾ ملندڙ رقم سنڌ لوٽيندڙ ٽولو اسان ۽ توهان جي ٽيڪس جي پئسن تي عياشيون ڪري ڪري رهيا آهن؛ روشن ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي وارا بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آھن پ پ پ اميدوارن جي مخالفت ۾ بيٺل اميدوارن کي ڌمڪيون ڏئي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي زبردستي دستبردار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن هن چيو ته جوهي جي وارڊ 2 ۾ ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ غلام قادر لغاري پ پ پ جي اميدوار پنهنجي سردار اڳيان فارم ڀرايو ايس يو پي اميدوار کي ووٽ ڏئي هڪ غريب قومي ڪارڪن کي سردار کان کٽرايو ان موقعي تي ڪامريڊ قربان کوکر, غلام قادر لغاري, سڪندر سوڍر ۽ ٻين پڻ پروگرام کي خطاب ڪيو. پروگرام ۾ سيد زين شاھ سان گڏ سنجر جتوئي, روشن علي ٻرڙو, روشن علي ڪلهوڙو, سميت شھرين ۽ ڪارڪن وڏي ۾ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو