screen shot

زرداري خلاف 8 ارب جي مبينه بدعنواني جو ريفرنس داخل

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) نيب اڳوڻي صدر اصف علي زرداري جي خلاف اٺ ارب روپين جي بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي.جعلي اڪائونٽس ڪيسز بابت نيب طرفان داخل ڪيل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته شڪي ٽرانزيڪيشن جي حوالي سان آصف  زرداري جي خلاف پڪيون شاهديون آهن ته هن ڪلفتن ڪراچي جو گهر ڪرپشن مان ٺاهيو. گهر جي خريداري لاءِ رقم آصف زرداري جي سٽينو گرافر ڏني. سٽينو گرافر مشتاق جي اڪائونٽ مان گهر جي خريداري لاءِ 15 ڪروڙ روپيه ادا ڪيا ويا. جڏهن ته آصف زرداري ڪلفٽن ڪراچي ۾ گهر جي خريداري جو ڪوبه ثبوت نه ڏئي سگهيو.نيب طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته سٽينو گرافر مشتاق احمد اڳوڻي صدر سان گڏ 104 پرڏيهي دورا ڪيا. آصف زرداري ۽ سٽينو گرافر مشتاق ٻنهي جو عارضي پتو گهر  نمبر 8 ايف ايٽ اسلام آباد آهي. اڳوڻي صدر کي ڪلفٽن ڪراچي واري گهر جو سوالنامو ڏنو جنهن جو ڪوبه جواب نه ڏنو ويو. سٽينو گرافر مشتاق کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جوابدار فرار ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو