زرداري اڄ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندو

زرداري اڄ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ملاقات طئي ٿي وئي آهي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ شام مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪندو ۽ ڊنر به گڏ ڪندا. ذريعن موجب ملاقات ۾ ٻئي سياستدان حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ ۽ حڪومتي اتحادين سان رابطن تي ڳالهيون ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو