زرداري تي قتل جي سازش جو الزام، عمران کي ليگل نوٽيس

زرداري تي قتل جي سازش جو الزام، عمران کي ليگل نوٽيس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آصف علي زرداري تي قتل ڪرائڻ واري الزام تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ڇنڇر تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي قانوني نوٽيس موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. گذريل ڏينهن عمران خان دعويٰ ڪئي هئي ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري کيس قتل ڪرڻ جي نئين سازش پويان آهي جنهن لاءِ اڳوڻي صدر ”هڪ دهشتگرد تنظيم کي پئسا به ڏنا آهن“. گڏيل نيوز ڪانفرنس ۾ پ پ جي سينيئر اڳواڻن نيئر بخاري، فرحت الله بابر ۽ قمر زمان ڪائره عمران خان جي لڳايل الزامن تي تنقيد ڪندي چيو ته هو پاڳل ٿي ويو آهي، جڏهن هو تنها محسوس ڪري ٿو ته سنسني ڦهلائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن تي الزام هڻي ٿو. اسين کيس قانوني نوٽيس جاري ڪندي الزام واپس وٺڻ جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ جيڪڏهن هن الزام واپس نه ورتو ته وڌيڪ قانوني ڪاروائي ڪنداسين ۽ عمران کي الزام ثابت ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو