اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آصف زرداري کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪيس ۾ شيخ رشيد تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ شيخ رشيد خلاف آصف زرداري تي عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش جي الزام بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. شيخ رشيد جڊيشل مئجسٽريٽ عمر شبير جي عدالت ۾ طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هو بيمار آهي، ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو آهي، هو اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي، کيس حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي، درخواست سان شيخ رشيد جي ميڊيڪل رپورٽ به جوڙي وئي آهي.عدالت شيخ رشيد جي طبي بنيادن تي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي فرد جرم جي تاريخ 21 مارچ مقرر ڪري ڇڏي.










