زرداري، گيلاني ۽ نواز خلاف نيب جو نئون ريفرنس، گهر منجمند

زرداري، گيلاني ۽ نواز خلاف نيب جو نئون ريفرنس، گهر منجمند

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو جعلي اڪائونٽ ڪيس جو دائرو وسيع ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظمن ميان نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني سميت 5 جوابدران تي توشه خاني مان مهانگيون گاڏيون گهٽ قيمت تي حاصل ڪرڻ جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي منظوري بعد توشه خانه ريفرنس اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. يوسف رضا گيلاني تي الزام آهي ته هن پرڏيهي مهمانن پاران ڏنل گاڏيون آصف علي زرداري ۽ ميان نواز شريف کان واپس نه وٺڻ بابت اختيارن جو غلط استعمال ڪندي کين فائدو ڏنو. هن نئين ريفرنس ۾ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد کي به ملزم نامزد ڪيو ويو آهي. صدر زرداري لبيا ۽ متحده عرب امارات جي حڪمرانن پاران ڏنل گاڏين جي رڳو اومني گروپ معرفت 15 سيڪڙو ادائگي ڪئي ۽ گاڏيون پاڻ وٽ رکيون. انصاري شگر ملز جي اڪائونٽ مان ڪروڙين روپين جي غير قانوني ٽرانزيڪشن ڪئي وئي. 92 لک روپيا آصف زرداري جي اڪائونٽ ۽ 3 ڪروڙ 70 لک ڪسٽم ڪليڪٽر اسلام آباد کي ادا ڪيا ويا. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ملزم بدعنواني جا مرتڪب ٿيا آهن. سومر تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير وٽ جعلي اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته نيب ڪلفٽن ڪراچي ۾ خريد ڪيل آصف علي زرداري جو گهر جيڪو 12 فيبروري تي منجمند ڪيو هو ان جي توثيق جي درخواست پيش ڪئي. عدالت ان جي منظوري ڏيندي جوابدار کي ڪاپي فراهم ڪرن جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته گهر منجمند ڪرڻ واري فيصلي خلاف ملزم اعليٰ عدالت م اپيل ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو