ٺٽو(ن سنڌيار) زبون حال بڻيل گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سرحد ڪالوني ڌاٻيجي جي بلڊنگ جي ڇت مان چاپڙا ڪرڻ سبب ٽئين ڪلاس جو شاگرد احمد الله ولد نعمت الله سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي فورن مقامي اسپتال علاج لاء منتقل ڪيو ويو، کيس مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري مٿو ڦاٽي پيو آهي، سرڪاري اسڪول جي بلدنگس جي زبون حالت ھجڻ ڪري معصوم شاگردن جون زندگيون داء تي لڳل اھن، پر تعليم کاتي سميت سنڌ سرڪار سرڪاري اسڪولن جي زبون حال بڻيل اسڪولن جي مرمت تي ڪوبہ ڌيان نٿي ڏي، جنھن ڪري ڪنھن بہ وقت وڏو حادثو جنم وٺي سگھي ٿو، معصوم شاگردن جي والدين توڙي اسڪولن جي استادن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو اھي تہ زبون حال بڻيل اسڪولن جي بلدنگس جي مرمت ڪرائي استادن توڙي شاگردن جون زندگيون بچايون وڃن.










