زبردست مقابلي بعد ملتان جي ڪراچي کي 3 رنز تان شڪست

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين ايڊيشن جي 11هين ميچ ۾ ملتان سلطانز ڪراچي ڪنگز کي کٽڻ لاءِ 197 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو . جواب ۾ ڪراچي ڪنگز جي ميثيو ويڊ ۽ جيمز ونز اوپننگ ڪندي شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ ملتان جي بالرز جي خوب ڌلائي ڪني پاور پلي جو زبردست فائدو ورتو ۽ 72 رنز جي اوپننگ پارٽنر شپ فراهم ڪئي. ميٿيو ويڊ هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 20 رنز ٺاهي اسامه مير جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. ان بعد حيدر علي آيو پر هو محطاط رهيو ۽ ٻئي اينڊ تي جيمز ونس جارحاڻي بيٽنگ جاري رکي. 105 جي مجموعي اسڪور تي جيمز ونس رن وٺڻ پئي چاهي پر حيدر علي ڪيريز ڇڏڻ بعد واپس ويو ۽ اڌ پچ ڪراس ڪري اچڻ بعد واپس ويندي جيمز ونس 75 جي ذاتي اسڪور تي رن آئوٽ ٿيو. هن ويندي ويندي حيدر علي کي ڪاوڙ مان ڏٺو. هن 34 بالن جي اننگ ۾ 6 ڇڪا ۽ 7 چوڪا هنيا. جنهن بعد ڪراچي گيم مان آئوٽ ٿيڻ شروع ٿي، شعيب ملڪ ۽ حيدر علي ٽيمپو برقرار نه رکي سگهيا ۽ رن ريٽ وڌنڌو رهيو، حيدر علي 113 جي مجموعي اسڪور تي 17 بالن تي 12 رنز ٺاهي خوشدل جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو جنهن بعد شعيب ملڪ ۽ عماد وسيم اسڪور اڳتي وڌايو پر شعيب ملڪ19 بالن تي13 رنز ٺاهي بنا ڪا وڏي شاٽ کيڏڻ جي عباس آفريدي جي بال تي ڪيرن پولارڊ جهڙي ثلهي رانديگر هٿان تمام هيٺاهين واري شاندار ڪيچ تي آئوٽ ٿيو. جنهن بعد بين ڪٽنگ ڪپتان عماد جو ساٿ ڏيڻ آيو پر ٻئي گهربل اسڪور جو رن ريٽ گهڻو وڌائي نه سگهيا. 19 اوورز ۾ 175 رنز اسڪور ڪيون. آخري اوور جي پهرين بال تي عباس آفريدي کي ڇڪو هنيو ۽ امپائر نو بال قرار ڏيندي فري هٽ جو اشارو ڪيو. 6 بالن تي 15 رنز گهبرل هيون پر عماد هڪ رن ٺاهي سگهيو. ٻيو بال عباس وائيڊ ڪرايو ۽ ڪراچي کي 5 بالن تي 13 رنز گهربل هيون ته بين ڪٽنگ ڇڪو هنيو ۽ باقي 4 بالن تي 7 رنز گهربل هيون. وري وائيڊ بال ٿيو ۽ 4 بالن تي 6 رنز گهربل هيون، وري هن ڊاٽ بال ڪرايو، ٽين بال هن وائيڊ ڪرايو ۽ بين ڪٽنگ 10 بالن تي 12 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو، عرفان نيازي آيو، هن هڪ رن وٺي هٽنگ عماد کي ڏني ۽ هڪ بال تي 5 رنز گهربل هيون، عماد آخري بال تي هڪ رن ٺاهي سگهيو ۽ ملتان 3 رنز تان ميچ کٽي ورتي. ٻنهي ٽيمن هن مهل تائين پنج پنج گيمز کيڏيون آهن، جن ۾ ڪراچي هڪ ۽ ملتان 4 ميچ کٽي چڪو آهي ۽ ٽاپ ٽيم آهي. ان کان اڳ ڪراچي کي ٻن بالن تي 6 رنز گهربل هيون. ان کان اڳ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ملتان سلطانز پهريان بيٽنگ ڪندي ٻن وڪيٽن جي نقصان 196 رنسون ٺاهيون. اوپنرز شان مسعود ۽ ڪپتان محمد رضوان پهرين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ 85 رنز ٺاهيون ۽ شان مسعود هڪ ڇڪي ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 33 بالن تي ففٽي مڪمل ڪري 51 رنز ٺاهي شعيب ملڪ جي بال تي عمران طاهر هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ڪپتان رضوان جو ساٿ ڏيڻ رلي روسو آيو ۽ ٻنهي شاندار راند ڪندي اسڪور 194 تائين پهچايو ته رلي روسو آخري اوور ۾ محمد عمر جي بال تي ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم هٿان ڪيچ ٿيو. هن 21 بالن تي 4 چوڪن جي مدد سان 29 رنز اسڪور ڪيون. آخري اوور جا 2 بال کيڏڻ ڪيرن پولارڊ آيو پر هو ٻن بالن تي 2 اسڪور ڪري سگهيو. ملتان جو وڪٽ ڪيپر ڪپتان رضوان 64 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 110 تي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو