زال جي پيڪن ۾ عيد ڪرڻ ۽ نوان ڪپڙا نه ملڻ تي3 ڄڻن جوآپگهات

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ هڪ پاسي مذهبي انتها پسندي وڌي رهي آهي ته ٻئي پاسي انفرادي طور عدم برداشت به چوٽ چڙهي وئي آهي. معمولي ڳالهه تان قتل ڪرڻ يا خودڪشي جا واقعا مسلسل وڌي رهيا آهن. سڪرنڊ جي نوجوان رڳو ان ڳالهه تي خودڪشي ڪري ڇڏي ته سندس زال عيد پيڪن ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ته ساڳئي وقت ڀريا شهر ۽ ڪشمور جي ٻن نوجوانن عيد تي نوان ڪپڙا نه ملڻ تي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. سڪرنڊ مان راجڪماراوڏ موجب کڏھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد بروھي جو رھواسي نوجوان زاھد بروھي زال جي پيڪن ۾ عيد ڪرڻ تي مائٽن سان وڃڻ تي پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيو. ڀريا شهر مان مجيد ڪيريو مطابق ڳوٺ پڃيل ميمڻ ۾ 22 سالن جي نوجوان صوبدار عرف صوبو ميمڻ مائٽن پاران عيد جا ڪپڙا لٽا نه وٺي ڏيڻ تان ڳچي ۾ رسو وجھي ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو،

ڀريا شهر جي نوجوان ڦاهو کاڌو

سندس والد محمد بچل ميمڻ ٻڌايو ته پٽ ھڪ ڏھاڙو اڳ عيد جا لٽا وٺي ڏيڻ لاء چيو تنھن تي مان چيو ته پٽ غريب آھيون اڃا عيد ۾ ڏينھن باقي آھن تنھن تان پٽ ڪاوڙ ۾ اچي اڌ رات جو خود ڪشي ڪري ڇڏي.

نوان ڪپڙا نه ملڻ تي آپگهات

ڪشمور مان جي ايم کوسو موجب گيھلپور ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ 15 سالن جي نينگر قاسم علي شر پاران عيد جا ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان پنهنجي پيءُ سان ڪاوڙجي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو