نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ڀرياروڊ ويجهو ڳوٺ تي هٿياربند جي چڙهائي اڍائي مهينا اڳ شادي ڪندڙ ناري مبينا طور اغوا مڙس پاران کيس قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ،منهجي زال کي سندس مائٽ هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي زبردستي ڳوٺ مان کنڀي کڻي ويا ڀريا روڊ پوليس ڪيس نه ورتو وڪيل جي معرفت زال جي اغوا جي خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي ، مڙس احمد علي مهر جو ميڊيا اڳيان زال جي کنڀجڻ خلاف احتجاج، رپورٽ موجب ڀرياروڊ جي ڳوٺ جلال مهر جي رهواسي نوجوان احمد علي مهر ميڊيا اڳيان اچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجي گهرواري شبيران شنباڻي کي سندس مائٽ هٿيارجي زورتي اچي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا آهن هن چيو ته مون کي خدشو آهي منهنجي گهرواري ءَ کي سندس مائٽ قتل ڪري ڇڏيندا هن چيو ته مان اڍائي مهينا اڳ شبيران شنباڻي سان نڪاح ڪيو هو مان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهيل هئيس ته هٿياربند ناري شبيران شنباڻي جا مائٽن کيس زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا آهن ، هن چيو ته مون مقامي پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو پر پوليس ڪجهه نه ڪيو هن چيو ته منهنجي گهر واري جا مائٽ ضلعي خيرپور ميرس ڪمب جي ڳوٺ نگريجا جارهواسي آهن ، هن چيو ته مان خيرپور جي عدالت ۾ پنهنجي وڪيل معرف زال جي اغوا ٿيڻ جي درخواست داخل ڪرائي آهي . هن ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايس نوشهري فيروز کان گهر ڪئي زال کي قتل ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ کيس جلد بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ،










