رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائنر ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو لانگ مارچ

رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائنر ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو لانگ مارچ

ڪلوئي ( غلام مصطفي نهڙيو) رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائنر ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي جڏهن ته آبادگارن پاران 2 ڏينهن سخت احتجاج ڪرڻ بعد بلوچ آباد کان ڪلوئي شهر تائين سوين آبادگارن پاران پيادل لانگ مارچ ڪيو ويو. ان موقعي تي آبادگارن چوڌري طاهر، چوڌري مشتاق، مولوي محمد رمضان لنڊ، محمد عيسيٰ لنڊ، عثمان هالو، بابو لنڊ، علي محمد وهنداڻي، آدم لنڊ، عبدالڪريم هالو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنج ڪلو ميٽر لانگ مارچ ڪري پريس ڪلب ڪلوئي آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن چيو ته ايريگيشن عملدار ۽ ايس ڊي او ايريگيشن اظهر ڀٽو پاڻي اسان کي پوڇڙ تي پورو ڪري نه ٿا ڏين.

هنن چوڏهين ميل دڪي کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. هنن چيو ته اسان کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ رڻ شاخ جي 14 ميل دڪي وٽ شاخ جي ڊزائين به صحيح ناهي ٺاهي وئي اسان آبپاشي عملدارن جي آسري ۾  مال ملڪيت زيور وڪڻي ٻنيون پوکيون پر هاڻي پاڻي به نه ٿو ڏنو وڃي ۽  هزارين ايڪڙن تي بيٺل اسان جو زرعي فصل سڪي تباهه ٿي رهيو آهي اسان جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، آبادگارن سيشن جج مٺي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي، ڊائريڪٽر ۽ ٻين وس وارن کان فوري طور نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو