شڪارپور(ن س)امر راڳي شھيد ڀڳت ڪنور رام يادگارڪاميٽي چڪ شڪارپور پاران ھر سال هڪ نومبر تي رڪ اسٽيشن ورسي جي حوالي سان جائزو ورتو ويو ۽ ريلوي ملازمن سان ملاقات ڪئي وئي ۽ يوسي رڪ جي چيئرمين بشير احمد ابڙو سان فون تي رابطو ڪيو ويو جنھن ھر حوالي سان مدد جو يقين ڏياريو ڪاميٽي پاران راڳ رنگ ۽ کاڌي پيتي جو به بندو بست ڪيو ويو آھي ياد رھي ته 84 ورسي جو مقصد صرف ۽ صرف شھيد ڀڳت ڪنوررام جي انساني برابري ۽ ڀائيچاري امن ۽ محبت جي فڪر کي پکيڙڻ آھي ۽ شھيد تي ڳالھائڻ لاء اديب شاعر دانشور ۽ سندس عقيدت مند شريڪ ٿيندا اڄ ڪاميٽي جي ڪارڪنن تاراچند استادراھي گوھرسنڌي ۽ سھيل ڀيو جن پروگرام کي آخري شڪل ڏيندي چيو ته حالتن جي مناسبت سان 1 نومبر تي ھڪ وڳي کان 8 وڳي تائين ٽائيم رکيو ويو آھي ۽ ريلوي انتظاميه سکر کي پڻ اھڙي سڌ ڏني وئي آھي










