رڪشا واهه ۾ ڪلٽي 10 کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون ٻڏي ويا

ٺٽو (رپورٽ  جاويد لطيف ميمڻ )ھاليجي ڍنڍ ويجھو ڪي جي ڪئنال ۾ تيز ھوائن سبب رڪشا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪ باگڙي برادري جا مرد ۽ عورتون ٻڏي ويا، جن مان 6 کي بچايو ويو، 2 عورتون ۽ 3 مرد ٻڏي ويا، جن جي لاش جي ڳولا جاري، ھڪ عورتجو لاش ھٿ اچي ويو. خبر موجب ھالچي ڍنڍ ڀرسان RD. 88 وٽ ڳوٺ جمعون ميربحر سامھون باگڙي برادري جو رڪشا تيز ھوائن سبب ڪي جي ڪئنال ۾ ڪلٽي ٿي ويو، جنھن ڪري رڪشہ ۾ سوار 10 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان مقامي ڳوٺاڻن 6 مانھن کي بچائي ورتو، جڏھن ته 2 مرد ۽ 2 عورتون ٻڏي ويون جن جي لاشن جي ڳولا جاري آھي، ٻڏي ويلن ۾ پوجا ڌيء سيتا رام باگڙي، سندس ڀاء رامون پٽ سيتارام باگڙي، دينو پٽ رانجھو باگڙي ۽ ليلا ڌيء رويداس باگڙي شامل آھن، جن جي لاشن جي مقامي ٽوٻن ذريعي ڳولا جاري آھن، جن مان ھڪ عورت پوجا ڌيء سيتا رام باگڙي جو لاش ڪڍيو ويو آھي، باقي لاشن جي ڳولا جاري آھي. ٻڌايو پيو وڃي ته باگڙي برادري جي ھڪ ئي خاندان جا 10 کان وڌيڪ ڀاتي رڪشا ۾ سوار ٿي ڪنھن درگاھ تي زيارت لاء وڃي رھيا ھئا ته ھاليچي ڍنڍ ڀرسان ڳوٺ جمعون ميربحر سامھون ڪي جي ڪئنال ۾ رڪشا تيز ھوائن سبب ڪلٽي ٿي واھ ۾ ڪري ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ٻن عورٿن سميت چار ماڻھون ٻڏي فوت ٿي ويا، جن مان ھڪ عورت جو لاش ڪڍيو ويو آھي، باقي ھڪ عورت ۽ 2 مردن جي لاشن جي ڳولا جاري آھي، حادثي جو شڪار بڻيل باگڙي برادري جا ماڻھون مزمل پئمپ ڪراچي جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن. اطلاع ملڻ تي وڏي تعداد ۾ مقامي رھواسين پھچي لاشن جي ڳولا جاري ڪري ڇڏي آھي، جڏھن ته مڪلي توڙي جنگشاھي جي پوليس پڻ پھچي ويئي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو