ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٻوڏ جي برسات سان 20 آگسٽ کان اڄ تائين ٿيڻ واري نقصانن ۽ ريسڪيو جي تفصيل جاري ڇڏي آهي. اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ان جي امداد لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ ترجيح آهي جنهن جي نتيجي ۾ صوبي سنڌ جي متاثر ضلعن ۾ هاڻي تائين متاثرن لاءِ 1980 ريليف ڪيمپ قائم ڪري ڇڏيا آهن هاڻي تائين 670602 متاثرن کي انهن ريليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن کي کاڌو، پاڻي، دوائون ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هاڻي تائين برساتن جي ڪري 522 ماڻهو فوت جڏهن ته 21885 ماڻهو زخمي ٿيا آهن جڏهن ته برساتن جي دوران پوري صوبي ۾ 101901 ڍور پڻ مري چڪا آهن، شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ ٻڌايو ته برساتن جي ڪري 1455251 گهرن کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته 3173383 ايڪڙ تي پوکيل فصليون تباهه ٿي ويون آهن هن ٻڌايو ته برساتن سان 235 تعلقه ۽ 1051 يونين ڪونسلز پڻ متاثر ٿيون آهن.










