روپئي جي بي قدري ۾ بئنڪن جو ڪردار غير ذميواراڻو قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ اختيارين روپئي جي بي قدري ۾ بئنڪن جو ڪردار غير ذميواراڻو قرار ڏئي ڇڏيو.اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بئنڪن طرفان ڊالر جي قدر ۾ پاڻمرادي واڌ تي ڪا ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي. هن چيو ته رپئي جي بي قدري جي معاملي تي بئنڪن جو ڪردار غير ذميواراڻو هو، حڪومت جي اجازت سان بئنڪن تي مالي ڏنڊ يا انفورسمينٽ لاءِ قدم کنيا ويندا، جنهن لاءِ حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ان سان گڏوگڏ اسٽيٽ بئنڪ سمورين بئنڪن کي اجازت ڏني آهي ته پرڏيهه ۾ جيڪو صارف ڪريڊٽ ڪارڊ استعمال ڪري ٿو ان جي رقم انٽر بئنڪ ريٽ تي چارج ڪئي وڃي، اڳ ۾ اها رقم بئنڪون ماوپن مارڪيٽ ريٽ تي ڪٽينديون هيون. هن وقت انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 285 روپين ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 311 روپين ۾ ملي ٿو. ڪريڊٽ ڪارڊ استعمال ڪندڙن لاءِ هي هڪ وڏو رليف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو