دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي ) سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي. سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جاپئسه نه ملڻ خلاف دادو جي رٽائرڊ ملازمن رستم علي برهماڻي؛ پير مٺل؛ ڀائي خان برھماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دادو پريس ڪلب آڏو ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري ڇتي نعري بازي ڪري ڌرڻو ھنيو مظاھرين چيو ته رٽائرڊملازمن کي گروپ انشورنس جا پئسا ڏيڻ جو فيصلوعدالت ڏئي چڪي آھي پر سنڌ حڪومت رڳو ڪاميٽيون جوڙڻ ۾ پوري آھي ھنن چيو ته عدالتن جي حڪم باوجود ڪاميٽين مٿان ڪاميٽيون آخر ڇو هڪ ڪاميٽي پنج سال ضايع ڪيا آهن وري ڪاميٽي ڏھ سال گذاري ڇڏيا هنن چيو ته گروپ انشورنس جي پيسن سان گڏ ضايع ڪيل سالن جو مارڪ اپ ڏنو وڃي انصاف ۾ دير انصاف کان انڪار آهي جا نعرا هنيا ويا ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.










