رٽائرڊ استاد جي قاتل ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ لاءِ احتجاج

رٽائرڊ استاد جي قاتل ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ لاءِ احتجاج

عمرڪوٽ(لال حسين منڱريو) عمرڪوٽ پ پ پ شھيد ڀٽو ضلع عمرڪوٽ طرفان تعلقي ڇاڇرو جي ڳوٺ نيٻاڙو واسي مقتول رٽائرڊ استاد کيمچند ميگھواڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاء عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پارٽي جي ضلعي صدر ڪامريڊ ڀاڳومل ميگھواڙ , ڪيولرام , ھاشم ڀيل , پون ڪمار , نندلال , جوارو , جانجھو , رامچند , ڀڳت ڪيول , دليپ ڀيل ۽ ٻين ڪارڪنن احتجاج ڪندي گھر ڪئي ته ڇاڇرو پوليس مقتول استاد کيمچند جي قاتل حسين سميجو کي گرفتار ڪيو وڃي. هنن چيو ته پوليس مقتول جي ايف آء آر سياسي ڀوتارن جي چوڻ تي ٽوڙي مروڙي ڪمزور داخل ڪئي آھي بنا ڪاغذن واري وڏي گاڏي جا ڪاغذ به ڪون آھن  قاتل حسين سميجو جو ڊرائيونگ لاسئنس به نه آھي. مقتول کيمچند ميگھواڙ سماجي اڳواڻ به ھو  کيس ذاتي دشمني ۾ گاڏي جو ٽڪر ھڻي قتل ڪيو ويو آھي اسان آءِ جي سنڌ , ايس يس پي مٺي کان مطالبو ٿا ڪريون ته جڊيشل انڪوائري ڪري نئين سر قتل  جي ا يف آءِ آر درج ڪري  مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ قاتل حسين سميجو کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو