ريگستاني علائقن مان وڻن جي واڍي جاري، پنجاب جا واپاري لٿل

ريگستاني علائقن مان وڻن جي واڍي جاري، پنجاب جا واپاري لٿل

سکر (امداد علي ڪلوڙ) صالح پٽ ۽ چونڊڪو جي ريگستاني علائقن ۾ پنجاب کان ڪاٺين جا واپاري وڏي تعداد ۾ پهچي ويا آهن. صالح پٽ ۽ چونڊڪو جي مثالي ڳوٺ، لڪ شريف، گڻگ، نمبر تلو ۽ ٻين علائقن ۾ ريگستان جون ناياب ڪنڊي، ڦوڳ، کبڙ ۽ ٻين ڪاٺين جي وڻن جي غير قانوني طور وڍائي شروع ٿي وئي آهي. جڏهن ته وائلڊ لائيف کاتو وڻن جي واڍي جي خبر هجڻ باوجود خاموش تماشائي بڻيل آهي. ان ڏس ۾ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته وائلڊ لائيف کاتي جا عملدار پنجاب کان آيل ڪاٺي جي واپارين کان رشوت وٺي کين وڻن جي واڍي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. غير قانوني طور وڍيل وڻن جي ڪاٺي ٽرڪن ۽ ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي کل عام کڻي وڃي رهيا آهن. ٿر جي علائقي لڪ شريف ۽ مثالي ڳوٺ واري علائقن ۾ قائم سوين سال پراڻا وڻ پڻ وڍيا پيا وڃن. ٿر جي قيمتي ڪاٺ وڍي وڪرو ڪيو پيو وڃي. صالح پٽ، چونڊڪو، ٺڪراٺو، نارو، سنگرار ۽ ٻين علائقن ۾ واپارين سان اڪثر علائقي جا وڏيرا پڻ ٻٽ بڻيل آهن جن جي مدد سان قيمتي وڻ وڍي ڪاٺي کنئي پئي وڃي. جڏهن ته او پي ايس تي مقرر ٿيل ڊپٽي ڪنزرويٽر عدنان حامد خان 4 مهينا گذرڻ باوجود کين ناهي هٽايو ويو ۽ نه ئي مستقل ڊپٽي ڪنزرويٽر مقرر ٿي سگهيو جنهن ڪري جنگلي ۽ آبي جيوت  جي نسل ڪشي به  ٿيڻ لڳي آهي. اعليٰ عدالت جي حڪمن کي به ٿڏي ڇڏيو او پي ايس تي مقرريون ڪيو ويو آهن ۽ ڪنزرويٽر سنڌ  وائلڊ لائيف به ٻئي کاتي جو مقرر هجڻ جي ڪري کاتي ۾ بهتري نه اچي سگهي آهي. هوڏانهن سول سوسائٽي اڳواڻن چيو آهي ته چونڊڪو ۽ صالح پٽ جي ريگستاني علائقن مان غير قانوني طور وڻ وڍي ڪاٺي وڪرو، جنگلي ۽ آبي جيوت جي نسل ڪشي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري نااهل  آفيسرن کي هٽائي قابل آفيسر مقرر ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ وائلڊ لائيف کاتي جي انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو