ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان چيو آهي ته ريڊ زون ۾ احتجاج کان روڪيندڙن ڪراچي کي ڊيٿ زون بنائي ڇڏيو آهي.نور حق اداري ۾ ايم پي اي محمد فرحان فاروق ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي منعم ظفر چيو ته پيپلز پارٽي جو وڏيرن وارو مائينڊ سيٽ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. حقن لاءِ احتجاج ڪندڙن تي بدترين رياستي جبر ۽ فسطانيت جو مظاهرو ڪيو ويو.جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته سموري شهر جو انفرااسٽرڪچر تباهه ڪيو ويو آهي. ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ نڪرن ٿا ته چون ٿا ته ريڊ زون ۾ نٿا اچي سگهن. مزاحمت جي تحريڪ اڳيان وڌندي. رمضان المبارڪ جي دوران ڪراچي ۾ 13 وڏا جلسا عام ڪنداسين، سموري شهر کي جيئڻ ڏيو ڪراچي مهم سان گڏ بيهارينداسين، ڪراچي کي انهي جو حق ڏياري رهنداسين.منعم ظفر خان چيو ته پيپلز پارٽي جمهوريت جو راڳ ڳائي رهي آهي پر 2 ڏينهن اڳ اسان جي پرامن احتجاجي ريلي تي پوليس جي ذريعي بدترين تشدد ڪرايو، اسان جي ڪارڪنن صبر جو مظاهرو ڪيو، ڳوڙها آڻيندڙ گيس، لاٺي چارج جي باوجود اسان جي ڪارڪنن کي ڏنڊا هنيا ويا، ڪارڪنن تي دهشتگردي جا ڪيس ٺاهيا ويا.منعم ظفر خان چيو ته اڄ به ڪراچي ۾ بجلي، گيس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون وڌي رهيون آهن. صنعتڪارن کي ڀتي جون پرچيون اماڻيون پيون وڃن. ڀتي جون پرچيون اماڻيندڙن جي سڀني کي خبر آهي. جهانگير روڊ کي هر ڀيري تعمير ڪيو ويندو آهي. پيپلز پارٽي ڪراچي سان دشمني جو مظاهرو ڪري رهي آهي. ڪراچي کي جيئڻ جو حق ڏيڻو پوندو. ڪچي جي ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي.جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته اسان جا زخمي ڪارڪن جيل آهن اسان ميگا سٽي گورنمنٽ چاهيون ٿا. ڪراچي جي ضرورت ميگا سٽي گورنمنٽ آهي، سمورن اختيارن ۽ وسيلن تي سنڌ حڪومت قابض آهي، اسان خاموش نه رهنداسين. مزاحمت جي تحريڪ اڳيان وڌندي. اسان رمضان جي مهيني ۾ به عام جلسو ڪنداسين.منعم ظفر خان چيو ته پوليس اسان جي ڪارڪنن کي پڪڙي چيو ته ڪلمو ٻڌايو، گرفتاري دوران اسان جي 75 سالن جي بزرگ ڪارڪن رفيق کي دل جو دورو پيو، اسان مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو آهي اسان جي تحريڪ ڪراچي کي حق ڏيارڻ جي لاءِ آهي.هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته ڪراچي کي ميگا سٽي گورنمنٽ ڏني وڃي. ڪراچي جا ادارا ڪراچي کي واپس ڏنا وڃن. 18هين ترميم کان پوءِ سنڌ حڪومت سمورن اختيارن تي نانگ بڻجي ويهي رهي آهي. پاڻي ۽ ڪچرو کڻڻ جو نظام به صوبائي حڪومت جي ماتحت آهي. اسان جو مطالبو آهي ته اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا وڃن.










