رينوڪا ڪماري وارثن حوالي،برادري ۾ خوشي جي لهر

رينوڪا ڪماري وارثن حوالي،برادري ۾ خوشي جي لهر

سکر( جيرام داس ) روهڙي مان مبينا اغوا ڪيل رينوڪا ڪماري وارثن جي حق ۾ بيان ڏئي ڇڏيو، عدالت کيس ڀاءُ حوالي ڪري ڇڏيو، سکر آئي بي اي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ روهڙي جي شاهي بازار جي رهواسڻ 24 ورهين جي رينوڪا ڪماري ڌيءَ اندرجيت کي هفتو اڳ سيالڪوٽ ( پنجاب) واسي بابر امان اللہ مبينا طور اغوا ڪري ويو هو جنهن جي اغوا جو ڪيس وارثن پاران روهڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو. عدم تحفظ سبب عدالت رينوڪا کي سيالڪوٽ جي دارالامان حوالي ڪيو هو. عدالتي آرڊر موجب رينوڪا مذهب تبديل ڪري اسلام قبولڻ بعد بابر امان اللہ سان شادي ڪئي هئي، جنهن بعد سندس نالو تبديل ڪري ڪنيز فاطما رکيو ويو هو.رينوڪا جي درخواست تي ڪالهه کيس سيالڪوٽ جي فرسٽ ڪلاس جوڊيشل مئجسٽريٽ شفيق احمد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هن بيان ڏنو ته هاڻي کيس ڪو به خوف ناهي، انڪري هوءَ پنهنجي رضامندي سان پنهنجي ڀاءُ هنيش سان وڃڻ چاهي ٿي. رينوڪا جي اهڙي بيان کانپوءِ عدالت دارالامان انتظاميا کي حڪم جاري ڪيو ته رينوڪا کي سندس ڀاءُ هنيش جي حوالي ڪيو وڃي. اهڙي حڪم نامي کانپوءِ دارالامان انتظاميا ڪالهه شام رينوڪا کي سندس ڀاءُ هنيش ۽ هندو پنچائت جي اڳواڻن حوالي ڪري ڇڏيو.رينوڪا جي واپسي تي سندس وارثن سان گڏ هندو برادري ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو