ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ پوليس انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي بلوچستان بارڊر تي حب چيڪ پوسٽ تي چيڪنگ دوران 2 جوابدارن محمد تنوير ۽ جاويد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدارن وٽان 3 ڪلو آئيس ۽ 3 ڪلو چرس هٿ آيو آهي. جيڪو بس جي ڳجهن خانن ۾ لڳايو ويو هو. هٿ آيل منشيات جي رقم 3 ڪروڙ روپين کان مٿي آهي. رينجرز جي ترجمان مطاب جوابدارن جو تعلق منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ بين الصوبائي گروهه سان آهي. جيڪو منشيات پنجگوڙ بلوچستان کان ڪراچي اسمگل ڪندو هو. جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃڻ. گرفتار جوابدارن کي منشيات سميت قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.










