رينجرز پاران ٿري ماروئڙن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم

رينجرز پاران ٿري ماروئڙن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم

خانپورمهر(آفتاب سيال) پاڪ رينجرز سنڌ 43 ونگ پاران ريگستاني علائقي مياڻو ۾ ٿري ماروئڙن کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ علائقي جي مختلف ڳوٺن توڙي ٿر جي مختلف حصن مان مريضن کي ٽرانسپورٽ مهيا ڪري کين مياڻو ڪئمپ پهچايو جتي مريضن جي ڊاڪٽرن پاران مفت چڪاس ڪرڻ بعد کين مفت دوائون فراهم ڪيون ويون. ان موقعي تي ڪئمپ ۾ مريضن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪ رينجرز سنڌ ڪئمپ وسيلي ٿري ماروئڙن کي صحت جون سهولتون ڏنيون ويون آهن جنهن ۾ ٽوٽل 510 مريضن کي چڪاسڻ بعد کين دوائون فراهم ڪيون ويون آهن. هوڏانهن ڪئمپ تي آيل مريضن جو چوڻ هيو ته اسان وٽ صحت جون ڪي به سهولتون ميسر ناهن تنهن ڪري پاڪ رينجرز اسان ماروئڙن جي اهنجن کي دور ڪرڻ لاءِ مياڻو ۾ ڪئمپ لڳائي اسان جو مفت ۾ علاج ڪرائي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو