رينجرز جي ڪارروائي، ڦر جي وارداتن ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

رينجرز جي ڪارروائي، ڦر جي وارداتن ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ پوليس ڳجهي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون مان چوري ۽ موبائل جي پيڪنگ ۾ ملوث گروهه جي 2 جوابدارن ذيشان ۽ صغير کي گرفتار ڪري ورتو.ترجمان موجب 18 آگسٽ 2023 تي جوابدار ذيشان پنهنجي ساٿي سان گڏ اورنگي ٽائون ۾ موٽرسائيڪل سوار کان هٿيارن جي زور تي موبائل فون ۽ نقدي ڦر ڪئي، جنهن جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن ۾ جوابدار جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي.هن چيو ته شروعاتي جاچ دوران جوابدار ذيشان اورنگي ٽائون، سائيٽ ٽائون ۽ ڀرپاسي ۾ ڦر جي 50 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ 150 کان وڌيڪ موبائيل فون ۽ هڪ لک کان وڌيڪ روپين جي ڦر ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار صغير 80 کان وڌيڪ موبائيل فون پيڪيج ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، جوابدار جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو