ريل گاڏي اڏائڻ جو منصوبو ناڪام، 2 ڊهشتگرد گرفتار

ريل گاڏي اڏائڻ جو منصوبو ناڪام، 2 ڊهشتگرد گرفتار

ملير (رپورٽ شهزادو مستوئي )شاھ لطيف پوليس ڪارروائي ڪندي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو ريلوي پٽڙي ۽ ريل گاڏي کي بم حملي جو منصوبو جوڙيندڙ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جي ٻن اهم دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي آهي. ايس ايڇ او محمد علي شاهه ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ دستي بم برآمد ڪيا آهن. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عبدلباسط ۽ عطا محسن طور ٿي. جوابدارن دهشتگردي ۽ حملن جي تربيت افغانستان مان حاصل ڪئي.پوليس جو چوڻ آهي ته  گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو