ريل گاڏين جو شيڊول ڊانوا ڊول، مسافر پريشان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪينٽ اسٽيشن کان نڪرندڙ ٽرينن جو شيڊول تبديل ڪلاڪن جا ڪلاڪ ريل گاڏيون ليٽ  ٿيڻ ڪري مسافر پريشان عملي ۽ مسافرن ۾ ڏند چڪ انتظاميا پاران ڪا به تدارڪ نه  ٿيو. عيدالاضحيٰ ويجھو ايندي ئي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کان پنجان ۽ بلوچستان ڏانهن ويندڙ ٽرينن جو شيڊول تبديل ٿيڻ ڪري مسافر سخت پريشان آهن، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽرينون ليٽ ھئڻ ڪري مسافرن ۽ عملي ۾ ڏند چڪ معمول بڻجي ويو. ريلوي انتظاميا ڪو به حل ڪڍي نه سگھي، اسٽيشن تي ٿڌو پاڻي ۽ ويٽنگ جو به ڪو خاص بندوبست نه ھئڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو