ريلوي پوليس جي ڦڙتي وڇڙيل ٻار والدين حوالي

ريلوي پوليس جي ڦڙتي وڇڙيل ٻار والدين حوالي

نوابشاهه(اي ڪي ڏاهري)لاهور کان ڪراچي ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس ۾ فجر مهل لاهور کان نوابشاهه ايندڙ فيملي تڪڙ ۾ لهي وئي سندن ٻار برٿ تي ستل رهيو ۽ هنن سندس سنڀار نه ڪئي ۽ ريل گاڏي رواني ٿي وئي. جنهن بعد متاثره خاندان ريلوي ماڊل ٿاڻي جي ايس ايڇ او الطاف حسين کي  اطلاع ڏنو ته هنن بروقت ڪاروائي ڪري حيدرآباد اسٽيشن تان ٻار نظر علي کي لاهي نوابشاهه ايندڙ گاڏي ۾ سوار ڪرائي روانو ڪيو. ريلوي پوليس ٻار کي والدين حوالي ڪري ڇڏيو. ٻار جي والد توقير عباس خوشي جو اظهار ڪندي ريلوي پوليس جا ٿورا مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو