ريلوي لائن کي بم سان اڏائڻ جو منصوبو پوليس پاران ناڪام

گھوٽڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي) گجهي اطلاع تي پوليس ڪاروائي ڪندي دهشتگردي جي وڏي ڪاروائي ناڪام بڻائي ڇڏي. گهوٽڪي پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن ريلوي لائين تي ريموٽ ڪنٽرول بارودي مواد فٽ ڪيو هو. جنهن جو اطلاع ملڻ تي اهو منصوبو ناڪام بڻايو ويو. گذريل رات گھوٽڪي پوليس کي خفيه اطلاع مليو ته ڳوٺ ڏنو ماڪو ليبر ڪالوني پنجابي پلاٽ لوھي پل وٽ ڪجهه دھشتگرد ريلوي لائن کي ڌماڪي سان اڏائيندا اھڙي اطلاع بعد گھوٽڪي پوليس بم ڊسپوزل اسڪواد سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي بارودي مواد هٿ ڪري ورتو. اطلاع ملندي ئي ريلوي اختيارين ۽ انٽيلي جنس ايجنسين ۾ ٿرٿلو مچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو