ريلوي جي رٽائرڊ ملازمن جي مان ۾ آجياڻو

ريلوي جي رٽائرڊ ملازمن جي مان ۾ آجياڻو

روهڙي (ن سنڌيار) مزدور پريم يونين سي بي اي لوڪو شيڊ جي رٽائرڊ ملازمن جي اعزازي آجياڻي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو ان موقعي تي پريم يونين جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري خير محمد تنيو، ڊويزنل صدر جاويد زاھد، نائب صدر عبيد الله قريشي، آرگنائزر مقصود مھر ۽  زونل صدر محمد اسحاق بلو پنهنجي تقريرن ۾ وفاق حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته ريلوي جي نجڪاري واري عمل کي فورن روڪيو وڃي ۽ ريل کي مختلف ڪمپنين ۾ ويڪرو ڪرڻ بند ڪيو وڃي پريم يونين سي بي اي جي عھديدارن ۽ ريلوي جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ نئين ايندڙ ريلوي وزير کي خوش آمدید سان گڏ نيڪ تمنائن جو اميد ڪئي وئي حڪومت جي ھن گٿي عمل خلاف سخت نعريبازي ڪندي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ھن عمل تي باز نه آئي ته ٽرينون بند ڪري ڦيٿا روڪ ھڙتال سان گڏ روڊن تي نڪري ھر شھر ۾ ھڙتال جو سڏ ڏينداسين ٻئي طرف رٽائرڊ ملازمن کي گلن جا هار تحفا پڻ ڏنا ويا پريم يونين طرفان ۽ آيل مھمانن سميت آجياڻي سان گڏ آخر ۾ سڃي پنڊال ۾ ويٺل مھمانن کي ماني کارائي وئي آخر ۾ پريم يونين جي اڳواڻن پاران رٽائرڊ ملازم سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍرائي يڪجھتي جو اظھار ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو