ريفرنس جي واپسي جو مطلب جوابدارن کي بري ڪرڻ ناهي: عدالت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو اهم فيصلو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جو مطلب اهو ناهي ته کيس ڪيس مان بري ڪيو وڃي.جسٽس ارباب محمد طاهر آدم امين چوڌري ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته نيب عدالتن مان ريفرنس رڳو ٻين عدالتن ڏانهن منتقل ٿي سگهن ٿا.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته قانون ۾ ڪو به تصور ناهي ته رڳو نيب کي ريفرنس واپس ڪيو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته نيب ٻين عدالتن ۾ ڪيسن جي منتقلي ۾ احتساب عدالتن جي مدد ڪري.عدالت جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته نوان حقيقتون سامهون اچڻ جي صورت ۾ نيب احتساب عدالت جي اجازت سان ضمني ريفرنس داخل ڪري سگهي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ اهو به چيو آهي ته منجمد اڪائونٽس بابت حڪم به نون لاڳاپيل عدالتون ختم ڪري سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو