نئون ديرو(ن سنڌيار)ڳوٺ ميتلا وٽ ٻن ڪوچن ۾ اوور ڪراسنگ ڪرڻ دوران آمهون سامهون ٽڪر سبب روڊ حادثو . جنهن سبب ٻنهي ڪوچن جا ڊرائيور زخمي ٿي پيا اهڙي اطلاع تي حد جي ڊي ايس پي سيد شاهجهان شاه ۽ ايس ايڇ او شاهد صادق ميمڻ پهچي زخمي ڊرائيورن کي فوري طبي علاج لاءِ ايمبولينس گهرائي لاڙڪاڻي جي ايمرجنسي وارڊ ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ان موقعي تي پوليس ٻڌايو ته مسافرن جو بچاءُ آهي ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته نئون ديرو مان ميراڻي برادري جي ڪوچ جاگير علي اڪبر لاڙڪاڻي روڊ سان وڃي رهي هئي ته ٻي لاڙڪاڻي کان ڪوچ سکر طرف وڃي رهي هئي ته اوور ڪراسنگ ڪرڻ سبب آمهون سامهون ٽڪراءُ ٿي پيو.










