نواب شاھه (ن سنڌيار)محتسب اعلى سنڌ جي جي هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلى شهيد بينظيرآباد خان محمد زرداري پاران ضلع جي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن ۽ فيملي پينشنرن جا ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس شهيد بينظيرآباد متعلق پگهار، جي پي فنڊ، ايل پي آر، گريجوئيٽي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ هڪ کلي ڪچهري آڪائونٽ آفيس ۾ منعقد ڪري ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر محمد اشرف آرائين، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر پير شمس الدين، اڪائونٽنٽ بهاول مري، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري قربان علي راهو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفئير محمد صابر قريشي، قائم مقام ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاهري، مسلم فاروق سميت ايڪسائيز، واٽر مينجمينٽ، ايگريڪلچر، پوليس ۽ ٻين مختلف کاتن جا آفيسر موجود هئا کلي ڪچهري ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلى خان محمد زرداري ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کي هدايت ڪئي ته تمام ملازمن ۽ انهن جي وارثن پاران پيش ڪيل سندن جائز مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن جڏهن ته روزاني جي بنياد تي ڪم سانگي ايندڙ ماڻهن جا مسئلا پڻ اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ته جئين انهن کي ريليف فراهم ڪري سگهجي ريجنل ڊائريڪٽر کلي ڪچهري ۾ مسئلا پيش ڪندڙ ماڻهن کي تسلي ڏيندي چيو ته اوهان جا پيش ڪيل مسئلا جيستائين حل نٿا ٿين ايستائين هو ذاتي طور ۽ عملو اڪائونٽس آفيس سان رابطي ۾ رهندو هن وڌيڪ چيو ته سندس کاتي پاران ڊويزن جي ٻين ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسن ۾ پڻ کلي ڪچهري منعقد ڪري حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن ۽ فيملي پينشنرن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا ريجنل ڊائريڪٽر سرڪاري ملازمن کي مشورو ڏنو ته هو کلي ڪچهرين جي موقعي تي فائدو حاصل ڪندي پنهجي جائز مسئلن کي حل ڪرائين.










