ريتي بجري جو غيرقانوني ڪاروبار ٻيهر شروع، پوليس جون اکيون بند

ملير(رپورٽ درياخان شر) ڪجهه ڏينهن جي ٺاپر کانپوءِ ملير مان ريتي بجري جو غيرقانوني ڪاروبار ٻيهر شروع ٿي وئي. ڪاري ناڻي جا شوقين پوليس اهلڪار ريتي بجري مافيا ۽ ڊمپر مالڪن جي نئي حڪمت عملي سکڻ، ملير، ٿڌو ۽ ٻين زرعي علائقن مان پوليس جي نگراني ۾ رات کان فجر تائين تائين ريتي بجري کڻائي پئي وڃي. ريتي بجري مافيا ايتري طاقتور آھي جو بي خوفي سان چوري جاري آهي. ايس ايس پي ملير سيد عرفان بھادر ريتي بجري سميت منشيات ۽ ٻين ڏوهن تي سخت پابندي لڳائيندي اعلان ڪيو هو ته جنهن ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهه ٿيندو ته واسطيدار ايس ايڇ او ذميوار هوندو. هن 8 کان وڌيڪ ٿاڻن جا ايس ايڇ او به تبديل ڪيا هئا پر رشوت خور پوليس اهلڪار سمورن هدايتن کي ٿڏيندي پنهنجي نگراني ۾ ريتي بجري کڻائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ چوڪنڊي لڳ ريتي بجري گڏ ڪري پهاڙ ٺاهيا ويا آهن. بندش سبب سيمينٽ جي بلاڪ جي قيمت ٻيڻي ٿعني 30 روپيا ٿي وئي هئي ۽ ريتي بجري جي في ٽرڪ جي قيمت 3 هزار مان پنج هزار ٿي وئي هئي. علائقي واسين اپيل چيو ته جيڪڏهن ايس ايس پي ايمانداري جي دعويٰ ٿو ڪري ته پوءِ ريتي بجري بند ڇو نٿو ڪرائي.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو