ممبئي (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ريا چڪرورتي جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي پر سندس ڀاءُ جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. 14 جون تي گهر ۾ خود ڪشي ڪندڙ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت واري ڪيس ۾ منشيات جي استعمال بابت ڪيس ۾ سندس گرل فرينڊ ريا چڪر ورتي کي پوليس گرفتار ڪيو هو ۽ هڪ مهيني کان جيل ۾ هئي. ريا چڪر ورتي تي ممبئي هاءِ ڪورٽ پابند لڳائي آهي ته پاسپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي پرڏيهه نه وڃي سگهندي، هڪ لک روپين جو بانڊ ڀري ۽ 10 ڏينهن تائين روزانو گهر جي ڀر واري پوليس ٿاڻي تي حاضري لڳائيندي. ريا چڪر ورتي تي الزام آهي ته هوءَ سشانت کي منشيات فراهم ڪندي هئي ۽ منشيات واپرائڻ سبب سشانت خود ڪشي ڪئي.










