رياست مخالف بيان،جاويد لطيف جي وڪيل کي ٽائيم ملي ويو

رياست مخالف بيان،جاويد لطيف جي وڪيل کي ٽائيم ملي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ)جاويد لطيف خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رياست مخالف تقرير ڪيس ۾ ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ وفاقي وزير جاويد لطيف جي وڪيل کي اهم دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ 21 آڪٽوبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي.سپريم ڪورٽ جي جسٽس انوار الحق پنو رياست مخالف بيان ڪيس ۾ جاويد لطيف جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالتي حڪم تي جاويد لطيف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.پنجاب حڪومت جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته جاويد لطيف رياست مخالف بيان ڏنو، سيشن عدالت رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کانسواءِ سندس ضمانت منظور ڪئي، سيشن عدالت جو ضمانت منظور ڪرڻ جو فيصلو درست ناهي، جاويد لطيف خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. لطيف سائين جي ڪيسن ۾ داخل ڪيل شقون ناقابل ضمانت آهن.پنجاب حڪومت جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد جاويد لطيف جي وڪيل دليل پيش ڏنا،عدالت جاويد لطيف جي وڪيل کي اهم دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ 21 آڪٽوبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جاويد لطيف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس انوار الحق پنو چيو ته جاويد لطيف حاضري کان ڇوٽ لاءِ لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي ته ان تي غور ڪنداسين.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي حتمي دليل ڏيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو