رياست جا سمورا ادارا مقرر ڪيل آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن: وزيراعظم

رياست جا سمورا ادارا مقرر ڪيل آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته رياست جا سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير جي حوالي سان ٽوئيٽ ڪيو.ٽوئيٽر تي شهباز شريف لکيو ته قومي اسيمبلي ۾ منهنجي تقرير جو محور جمهوري نظام کي بهتر طريقي سان هلڻ ڏيو ۽ ان کي موثر طريقي سان ڪم ڪرڻ ڏيو. وزيراعظم وڌيڪ لکيو ته اهو تمام ضروري آهي ته رياست جا سمورا ادارا پنهنجي مقرر ڪيل آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن، ان ڳالهه کي سمجهڻ کان سواءِ اسان حلقن ۾ گهمندا رهنداسين ۽ ڪٿي به پهچي نه سگهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو