اسلام آباد (بيورو رپورٽ)رياستي ادارن تي الزام لڳائڻ واري ڪيس ۾ عدالت خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. اسلام آباد جي مقامي عدالت غير حاضريءَ تي سهيل آفريدي جا ناقابلِ ضمانت وارنٽ برقرار رکندي کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم به برقرار رکيو.سول جج عباس شاهه جي موجود نه هجڻ جي ڪري ڪيس جي ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.










